چارتل جبل (ماڳ)

چارتل جبل (ماڳ): چارتل جبل جو نالو آهي، جيڪو سنڌ جي جابلو سرحد غيبي ديري، تعلقي قنبر واري کيرٿر جبل جي هڪ ننڍڙي حصي کي چئبو آهي. ’چاڙ‘ اصل ۾ مٿي چڙهڻ کي چئبو آهي. جيئن ته هن جبل تي ڪيترا رستايا لڪ آهن، ان ڪري هن جبل کي چارتل (چارن وارو) جبل سڏيو وڃي ٿو. هتي هڪ قبرستان آهي، جنهن جو وجود 915هه بمطابق 1509ع ۾ پيو. سنگيناڻي حسناڻي چانڊين جو وڏو ۽ سنگين خان ٻيو هتي دفن ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو